عبرت (اخبار)

عبرت (اخبار)

عبرت اخبار

عبرت (اخبار): روزاني عبرت اخبار، سنڌ جي پراڻين اخبارن مان هڪ آهي. هيءَ اخبار 1956ع ڌاري قاضي خاندان حيدرآباد مان جاري ڪئي. ان کان اڳ ان نالي سان نامور اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ 1941ع ڌاري حيدرآباد مان ماهوار رسالو جاري ڪيو هو، جيڪو 13 فيبروري 1946ع تي هفتيوار رسالو بڻيو. پوءِ قاضي خاندان جي خريد ڪرڻ کانپوءِ روزاني عبرت اخبار جي صورت ورتي. عبرت اخبار جو پهريون ايڊيٽر شيخ علي هو. 1969ع ۾ شيخ علي محمد جو ڇڏي وڃڻ بعد خير محمد کوکر هن اخبار جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. جيڪو 23 مئي 2006ع ۾ وفات تائين ان جو ايڊيٽر رهيو. جنهن جي وفات بعد هن اخبار جو ايڊيٽر ان چيف اينڊ پبلشر قاضي اسد عابد آهي، جيڪو نه صرف صحافتي، پر سياسي ۽ سماجي حوالي سان به پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. عبرت اخبار، عبرت بلڊنگ گاڏي کاتي حيدرآباد مان شايع ٿيندي آهي. هن اخبار سنڌي صحافت ۾ ڪيترائي نوان لاڙا متعارف ڪرايا. هيءَ اخبار ڪيترن ئي صحافين جو سکيا گهر پڻ رهي آهي. هن اخبار جي سرڪيوليشن مختلف وقتن تي وڌندي ۽ گهٽجندي رهي آهي.


لفظ عبرت اخبارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو